پاڪستان تحريڪ انصاف 5 فيبروري تي ٻيهر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي رپورٽ موجب تحريڪ انصاف جي فيڊرل اليڪشن ڪمشنر رئوف حسن طرفان انٽرا پارٽي چونڊن جو باضابطه شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي پي ٽي آءِ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب تحريڪ انصاف جون انٽرا پارٽي چونڊون 5 فيبروري سومر تي منعقد ڪيون وينديون. نامزدگي ڪاغذ پهرين فيبروري کان 2 فيبروري 2024 تائين تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽريٽ يا ويب سائيٽ تائين حاصل ڪري سگهبا. نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 2 فيبروري 2024 جي رات 10 وڳي تائين مقرر ڪئي وئي آهي اميدوار پنهنجا نامزدگي ڪاغذ مرڪزي ۽ صوبائي سيڪريٽريٽس ۽ ڊيجيٽلي ذريعي اي ميل به ڪري سگهن ٿا. پڌرائي موجب پولنگ جو وقت 5 فيبروري سومر جي صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين هوندو. چونڊن جي هنڌن ۽ اپليٽ ٽربيونل جي تاريخ جو اعلان پهرين فيبروري 2024 تي(اڄ) ڪيو ويندو پي ٽي آءِ طرفان پڌرائي ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته انٽرا پارٽي چونڊن جي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ ۽ اسڪروٽني جو عمل 3 فيبروري 2024 جو هوندو. نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ جي صورت ۾ اعتراض جمع ڪرائڻ جو وقت 3 فيبروري 2024 رات 10 وڳي تائين هوندو پڌرائي موجب انٽرا پارٽي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سمورن فائنل پينلز جون فهرستون 4 فيبروري جي شام 4 وڳي ويب سائيٽ تي شايع ڪيو وينديون، انٽرا پارٽي چونڊن جي نتيجن جو باضابطه اعلان 6 فيبروري 2024 اڱاري تي ڪيو ويندو اد رهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي جنرل باڊي انٽرا پارٽي چونڊن جي لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر رئوف حسن ۽ ميمبرن اليڪشن ڪميشن جي منظوري ڏني هئي. پارٽي آئين جي تحت 15 ڏينهن جي اندر انٽرا پارٽي چونڊن جي قرارداد منظور ڪئي وئي هئي.