لاهور، قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ ۽ سندس گهر واري ثانيه مرزا جي ڌار ٿيڻ جي خبرن ۽ افواهن کان پوءِ آخرڪار پهريون ڀيرو سامهون گڏ نظر اچي ويا آهن
اسٽار جوڙي جي نئين ايندڙ شو جي شوٽنگ سيٽ جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن جنهن ۾ ثانيه ۽ شعيب کي هڪ ٻئي سان گڏ سيٽ تي مختلف پوز هڻندي ڏسي سگهجي ٿو وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ اسٽار جوڙي تي ڪٿي تنقيد ڪئي پئي وڃي ته ڪٿي مداح ان حوالي سان خوش نظر اچي رهيا آهن سوشل ميڊيا تي هڪ مداح تبصرو ڪندي لکيو ته ڇا طلاق جون افواهون صرف شو جي سٺي ٽي آر پي لاءِ هيون جيڪڏهن طلاق جون خبرون ڪوڙيون آهن ته اهو ٻڌي سٺو لڳو مداح لکيو ته اها سڀ سچائي آهي يا اسان کي چريو ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف لکيو ويو ته الله جوڙي کي سلامت رکي. ڪنهن طلاق جي خبرن کي نئين شو لاءِ پبلسٽي اسسٽنٽ قرار ڏئي ڇڏيو ياد رهي ته گذريل ڏينهن شعيب ملڪ طرفان پنهنجي گهر واري ثانيه مرزا کي سوشل ميڊيا تي سالگره جي مبارڪباد ڏني وئي پر ثانيه مرزا ان جو ڪوابه جواب نه ڏنو هو، ٿينڪ يو چوڻ ته پري جي ڳالهه، پر پيغام کي لائيڪ به نه ڪيو ويو هو. شعيب ۽ ثانيه جي شادي اپريل 2010 ۾ ٿي هئي جنهن مان هنن جو هڪ 4 سالن جو پٽ به آهي
