چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ هٿياربند فوج جي سربراهن جي طرفان گڏيل خصوصي پيغام ۾ چيو ويو آهي ته ڪشميرين جي ڪاميابي سندن مقدر آهي. ايس پي آر طرفان جاري ڪيل خاص پيغام ۾ چيو ويو آهي ته ڪشميرين کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حق خوداراديت ملڻ گهرجي.آءِ ايس پي آر موجب اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڪشميري ڀارتي قبضي جي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي مسلسل مزاحمت ڪري رهيا آهن. فورسز ۽ سندن غيرانساني لاڪ ڊائون کي پنهنجي امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب حق خوداراديت حاصل ڪرڻ گهرجي، ڀارتي فوج جا ظلم گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، ظلم ۽ بربريت جي اونداهي رات آهي. آزاديءَ جي سج کي آزاديءَ لاءِ اڀرڻ کان نٿو روڪي سگهي، دليرانه جدوجهد جي ڪاميابي سندن مقدر آهي، انشاءَ الله.