پاڪستان ۽ چين جي ٻطرفي واپار ۾ واڌ

تفصيلن موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 7 مهينن ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفن واپار ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، ان عرصي دوران چين ڏانهن واپار ۾ اضافو ٿيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل سال جي ساڳئي عرصي دوران چين کي برآمدات جو حجم 1 ارب 180 ملين ڊالر هو، حڪومتي ذريعن موجب جولاءِ کان جنوري تائين چين مان درآمدات 7 ارب 71 ڪروڙ ڊالر هئي. وڌيڪ چيو ته گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ چين مان درآمدات جو حجم 7 ارب 66 ڪروڙ ڊالر هو.