روشنين جي شهر ڪراچي جي سياست ۾ عام چونڊون 2024 کان اڳ نئون موڙ اچي ويو آهي. پراڻي مخالف متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان ۽ عوامي نيشنل پارٽي ۾ اتحاد ٿي ويو آهي ايم ڪيو ايم جي سينئر ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال گذريل ڏينهن مردان هائوس ۾ اي اين پي اڳواڻ شاهي سيد سان ملاقات ڪئي ان دوران ايم ڪيو ايم پي ايس 88 تي اي اين پي جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو ملاقات دوران اي اين پي به ڪراچي مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 240 ۽ 241 تي ايم ڪيو ايم جي اميدوارن جي حق ۾ پنهنجن اميدوارن کي هٿ کڻائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ان موقعي تي مصطفيٰ ڪمال چيو ته اڄوڪي ملاقات اليڪشن جي موقعي تي ضرور ٿي آهي پر اهو معاملو صرف سيٽ ايڊجسٽمينٽ جو نه آهي. ايندڙ نسلن لاءِ ڀائيچاري جي بنياد رکي وئي آهي. شاهي سيد به انهي اتحاد بابت ڳالهيون ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم کي اسان جي وجود کي مڃڻ اي اين پي لاءِ ڪافي هو. جيڪڏهن هي چونڊن ۾ حمايت نه به ڪن ها تڏهن به ايم ڪيو جو قدم انهن لاءِ ڪافي هو.