ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ حيدر عباس رضوي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو آهي گذريل ڏينهن حيدرآباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته اوهان کي تاري کي ووٽ ڏيڻ جو چيو وڃي ته انهن کي چئو ته تارا آسمان تي سٺا لڳندا آهن. اوهان کي پتنگ کي ووٽ ڏيڻ جو چيو وڃي ته انهن کي چئو ته پاڪستان خلاف نعرا لڳائيندڙن کي ووٽ نه ڏينداسين. انهن کي چئو ته اسان را کان پئسا وٺڻدڙن کي وٽ نه ڏينداسين اوهان انهن کي جواب ڏيو ته اسان انهي پتنگ کي ڪاٽا ڪري ڇڏينداسين پ پ چيئرمين جي الزامن جو جواب ڏيندي اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ حيدر عباس رضوي چيو ته اڄ ڪرپشن سبب سموري سنڌ موئن جو دڙو بڻيل آهي. ميرپورخاص ۾ خطاب ڪندي حيدر عباس رضوي چيو ته بلاول صاحب جهاز اوهان هاءِ جيڪ ڪريو ۽ را جو ايجنٽ اسان کي چئو. ڀارت کي پاڪستان تي حملو ڪرڻ جا خط اوهان ماڻهن لکيا ۽ ايجنٽ وري اسان آهيون حيدر عباس رضوي چيو ته گهڻو ڪجهه رڪارڊ تي آهي پر مان احتياط ڪرڻ چاهيان ٿو. مارچ ۾ بي اعتمادي رٿ دوران هڪ معاهدو اوهان ايم ڪيو ايم سان ڪيو هو. ايم ڪيو ايم سان معاهدو ڪرڻ وقت اوهان کي اهو سڀ ڪجهه ياد ڇو نه آيو. سوچي سمجهي ڳالهايو ٻئي صورت ۾ اوهان جي پارٽي جا ڪارناما ٻڌائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي.