دادو ، دادو جي عدالت اُم رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين کي قتل ڪندڙ جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين والد مختيار چانڊيو، ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، الزام ھيٺ آيل جوابدار ڀائرن سردار احمد چانڊيو، برھان خان چانڊيو سميت گرفتار جوابدارن تي فرد جرم جرم لاڳو ٿي وئي عدالت ٻڌڻي دوران الزام هيٺ آيل جوابدار ڀائرن سردار احمد چانڊيو، برهان خان چانڊيو سميت گرفتار جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي. جنهن کان پوءِ ٻڌڻي 3 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي ياد رهي ته ام رباب چانڊيو جي والد، چاچـَي ۽ ڏاڏي کي 17 جنوري 2018 تي قتل ڪيو ويو هو، فرد جرم ۾ چيو ويو آهي ته واقعي واري ڏينهن ايم پي اي سردار چانڊيو جي هدايتن تي جوابدارن سندس ڀاءُ برهان چانڊيو جي موجودگي ۾ فائرنگ ڪئي وئي ٻڌڻي کان پوءِ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي اُم رباب چانڊيو چيو ته عدالتن تي يقين ھيو اسان کي انصاف ملڻ جي پوري اميد هئي، اڄ عدالت تاريخي فيصلو ڏيندي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو آهي. 5 سالن کان جنھن فيصلي جو انتظار ھيو اھو اچي ويو آھي اميد آھي تہ ھاء ڪورٽ جي حڪمن تحت 3 مھينن ۾ ڪيس مڪمل ڪيو ويندو عدالتي فيصلي جي آجيان ڪريان ٿي اڄوڪو فيصلو اسان جي فتح ڏانهن پهرين وک آهي، سردار ڀائرن کي ڦاھي جي ڦندي تي لٽڪيل ڏسان پئي هوڏانهن الزام ھيٺ آيل سردار احمد چانڊيو ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن اسان 5 سالن کان ڪوڙن ڪيسن کي منھن ڏيون پيا اڳتي بہ منھن ڏينداسين انشاءَالله سوڀ اسان جي ٿيندي. اسان کي عدالتي فيصلو قبول نه آهي
