تحريڪ انصاف چونڊ نشان واپس وٺڻ جي لاءِ هڪ دفعو ٻيهر سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي تحريڪ انصاف بيٽ جو نشان واپس وٺڻ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس طرفان ڊائري نمبر الاٽ ڪيو ويو. تحريڪ انصاف طرفان عدالت ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ بيٽ جو چونڊ نشان ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي اپيل ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجو 13 جنوري جو فيصلو واپس وٺي. سپريم ڪورٽ انٽرا پارٽي چونڊن بابت حقيقتن جو صحيح جائزو ناهي ورتو. موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊ نشان واپس وٺي اختيارن کان مٿانهون استعمال ڪيو