ڪنڌ ڪوٽ ،شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ارڙي جي وبا تيزي سان پکڙجڻ لڳي

ڪنڌ ڪوٽ شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ارڙي جي وبا تيزي سان پکڙجڻ لڳي گوليمار واري علائقي ڳوٺ بھادر چاچڙ ۾ 2 سالا معصوم نينگري آصفه ارڙي وگھي فوت ٿي وئي جڏهن ته مذڪوره علائقي ۾ ڪيترائي ٻارڙا ارڙي جي موذي مرض ۾ ورتل آهن علائقي واسين موجب علائقي ۾ ڪيترائي ٻارڙا ارڙي جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جنھن تي ضابطو آڻڻ لاءِ صحت کاتي جون ٽيمون اطلاع ڏيڻ جي باوجود به متاثره علائقي ۾ ناھن پھتيون ھنن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته متاثره علائقي ۾ ٽيمون موڪلي معصوم ٻارڙن جون حياتيون بچايون وڃن

پنھنجي راءِ لکو