پي ٽي آءِ باني عمران خان جي اڳوڻي گهر واري جمائمه گولڊ اسمٿ سوشل ميڊيا تي پنهنجي پٽن سان پي ٽي آءِ جهنڊي سان گڏ تصوير شيئر ڪري ڇڏي آهي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جمائمه پنهنجي پٽن قاسم خان ۽ سلمان خان جي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ انهن ٻنهي کي پي ٽي آءِ جو جهنڊو کنيل آهي جمائمه ۽ عمران خان جي پٽ قاسم عام چونڊن جي موقعي تي پي ٽي آءِ ووٽرز لاءِ اهم پيغام جاري ڪيو آهي. قاسم پنهنجي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تي ساڳئي تصوير سان پارٽي جي حمايت ۾ پيغام جاري ڪندي چيو ته سڀاڻي جو ڏينهن پاڪستان جي لاءِ وڏو ڏينهن آهي، اوهان جو ووٽ اهم آهي اوهان وڌ کان وڌ گهرن مان نڪري ووٽ جو حق استعمال ڪريو.