سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منيب اختر مراد علي شاهه خلاف توهين عدالت ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ جي ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس منيب اختر سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خلاف توهين عدالت جو ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي رپورٽ موجب گجر نالا ۽ اورنگي ٽائون نالي متاثرين جي بحالي بابت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٿي هئي جتي سيد مراد علي شاهه کي توهين عدالت جي ڪيس ۾ پيش ٿيڻو هو. پر سپريم ڪورٽ جي جسٽس منيب اختر مراد علي شاهه جي خلاف توهين عدالت جو ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي جسٽس منيب اختر چيو ته مان بنيادي ڪيس به نه ٻڌي رهيو آهي ان ڪري توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي نٿو هلائي سگهان. جسٽس منيب اختر جي معذرت بعد جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ٻي بينچ جوڙڻ جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته چيف جسٽس کي نئين بينچ جي جوڙجڪ بابت درخواست اماڻي وئي آهي ممڪن آهي ته اڄ بينچ بڻجي وڃي جنهن کان پوءِ اسان 11 وڳي تائين ڪيس ٻڌي وٺنداسين. عدالت طرفان ريمارڪس ڏنا ويا ته اڄ جيڪڏهن بينچ نه بڻجي سگهيو ته جمعي جي ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي.