بلوچستان ۾ ڌماڪا: نگران اطلاعات واري وزير 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو

بلوچستان جي نگران اطلاعات واري وزير جان اچڪزئي پشين ۽ قلعه سيف الله ۾ شهيد ٿيندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪندي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي بلوچستان جي نگران اطلاعات واري واري جان اچڪزئي چيو ته ڀارت عالمي دهشتگرد آهي هي اهي ماڻهو آهن جيڪي مچ واقعي ۾ به ملوث آهن. واقعن ۾ زخمي ٿيندڙن کي علاج جي لاءِ ڪوئٽه اماڻيو پيو وڃي هن چيو ته اسان پنهنجي شهيدن جو بدلو وٺنداسين، ڀارت جي دهشتگردي واري ايجنڊا کي نيست نابود ڪري ڇڏينداسين دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي. چونڊون هر صورت ۾ سڀاڻي ٿينديون جان اچڪزئي وڌيڪ چيو ته بلوچستان جي عوام سڀاڻي پرامن طريقي سان پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندي، پوليس ۽ ليوي کان علاوه پاڪ فوج جي جوانن کي به طلب ڪري سگهجي ٿو. اسان سڀاڻي انهن دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏينداسين. بلوچستان ۾ به ملڪ جي ٻين شهرن جيان پرامن چونڊون ٿينديون.