عام چونڊون پرامن بنائڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ لکين سيڪيورٽي اهلڪار مقرر

عام چونڊن کي پرامن بنائڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ لکين سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي درخواست تي ڪوئيڪ رسپانس فورس جا 10.6.942 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. جڏهن ته 2.3.940 سيڪيورٽي اهلڪار مستقل طور تي چونڊن دوران ڊيوٽي سرانجام ڏيندا پاڪ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جا گڏيل طور تي 1.30.882 اهلڪار اليڪشن ڊيوٽي تي مقرر هوندا. سڄي ملڪ ۾ گڏيل طور تي پوليس جا 4.65.736 اهلڪار مقرر ٿيندا امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ آرمي، سول آرمڊ فورسز ۽ پوليس جا گڏيل طور تي 5.96.618 اهلڪار اليڪشن ڊيوٽي ڏيندا. پنجاب ۾ چونڊون پرامن ڪرائڻ جي لاءِ پوليس جا 2.16000 اهلڪار مقرر ڪيا ويندا سنڌ صوبي ۾ 11.0720، خيبرپختونخواهه ۾ 9.2.535 ۽ بلوچستان ۾ 4.6.481 پوليس اهلڪار ڊيوٽي انجام ڏيندا. پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ووٽرز کي پرامن ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.