عام چونڊون: اليڪشن ڪميشن کي مختلف پارٽين طرفان 25 شڪايتون ملي ويون

اليڪشن ڪميشن مانيٽرنگ سيل ۾ مختلف پارٽين طرفان شڪايتون ملڻ جو سلسلو جاري آهي مانيٽرنگ سيل ۾ هينئر تائين 25 شڪايتون مليون آهن جن جو فوري ازالو ڪيو ويو. شڪايتون پولنگ دير سان شروع ٿيڻ بابت ۽ ٻيون آهن اي ڊي جي مانيٽرنگ هارون شنواري موجب ملڪ ۾ پولنگ پرامن طريقي سان جاري آهي. ياد رهي ته ملڪ ۾ عام چونڊن جي لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي پولنگ جي شروعات صبح 8 وڳي ٿي جيڪا شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندي.