پ پ چيئرمين چيو ته موبائل فون سان لينڊ لائين تي به فون نٿو ڪري سگهجي. صرف وي پي اين ڪم ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو ملڪ ۾ موبائل فون سروس فوري طور تي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته موبائل فون بندش تي اليڪشن ڪميشن ۽ عدالت سان رابطو ڪيو وڃي ٻئي طرف اڳوڻي سينيٽر ۽ قومي اسيمبلي جي ٻن تڪن تان آزاد اميدوار مصطفيٰ نواز کوکر موبائل فون سروس کي پري پول رگنگ قرار ڏيندي چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جو اهو حال آهي ته چئي رهيو آهي ته مون کي ٽي وي تان خبر پئي آهي ته موبائل فون سروس بند آهي مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته فون سروس جو بند ٿيڻ اميدوارن سان زيادتي آهي. هڪ سياسي پارٽي جي لاءِ رستو کوليو ويو آهي. ياد رهي ته پي ٽي اي گهرو وزارت جي درخواست تي سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ ۾ موبائل فون سروس چونڊن جي ڏينهن عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏي آهي.