اين اي 232: ڪراچي ۾ سياسي پارٽي جا ڪارڪن پرزائيڊنگ آفيسر کان بيلٽ پيپر ڦري فرار

قومي اسيمبلي جي تڪ 232 ۾ سياسي پارٽي جا ڪارڪن پرزائيڊنگ آفيسر کان بيلٽ پيپر ڦر ڪري فرار ٿي ويا پولنگ اسٽيشن نمبر 37 پاڪستان پبلڪ اسڪول ۾ سياسي پارٽي جي هٿياربند ڪارڪنن اليڪشن عملي کي يرغمال بنائي ڪيترائي بيلٽ پيپر ڦر ڪري فرار ٿي ويا صوبائي اليڪشن ڪميشنر سنڌ اين اي 232 ڪورنگي پولنگ اسٽيشن نمبر 37 ۾ پرزائيڊنگ آفيسر کان بيلٽ ڦر ڦر ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل ريٽرننگ آفيسر ۽ ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي واقعي کان پوءِ پوليس ۽ رينجرز جي اضافي نفري کي پولنگ اسٽيشن جي ٻاهران مقرر ڪيو ويو آهي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر پوليس کي ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته چونڊن جي شفافيت تي سمجهوتو نه ڪيو ويندو ڏهن ته پي ايس 90 تان جماعت اسلامي جي اميدوار وسيم مرزا ايم ڪيو ايم پاڪستان تي بيلٽ پيپر ڦر ڪرڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو آهي.