ملڪ ۾ عام چونڊن دوران مختلف سياسي اڳواڻن ۽ اهم شخصيتن طرفان ووٽ ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف لاهور جي اين اي 128 ماڊل ٽائون ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو. مريم نواز ۽ پرويز رشيد به ان سان گڏ هئا. عون چوڌري نوازشريف جو استقبال ڪيو. ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کان پوءِ نوازشريف صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته عوام گهرن مان نڪري ۽ ووٽ ڪاسٽ ڪري، انشاءَالله مهانگائي جو خاتمو ٿيندو ۽ ماڻهو خوشحال زندگي گذاري سگهندااڳوڻي صدر آصف علي زرداري ايل بي او ڊي ڪالوني ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو. آصف علي زرداري سخت سيڪيورٽي ۾ پولنگ اسٽيشن پهتو. جتي هن صحافين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. آصف علي زرداري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو پوري پاڪستان ۾ بيٺل پ پ اميدوارن سان رابطو آهي. الله خير ڪندو. پ پ حڪومت ضرور ٺاهيندي صدر عارف علوي ڪراچي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمان ڊيرا اسماعيل خان ۾ اباڻي ڳوٺ عبدالخليل ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو سياستدانن ۾ سڀني کان پهريان پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف ووٽ ڪاسٽ ڪيو. هن لاهور جي تڪ اين اي 128 ماڊل ٽائون ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته اهڙي حڪومت ايندي جيڪا محبت ۽ خير سگالي جي جذبن سان گل نڇاور ڪندي. هن چيو ته سيڪيورٽي جا بهتر انتظام آهن آصفه ڀٽو نوابشاهه ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو. آصفه ڀٽو پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ماڻهو گهرن مان نڪرن ۽ ووٽ جي عمل ۾ حصو وٺن. آصف ڀٽو چيو ته اليڪشن ۾ سوڀ پ پ جي ٿيندي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مريم اورنگزيب مري ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سيوهڻ ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. پ پ اڳواڻ سعيد غني ڪراچي، ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار به ڪراچي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. قمرالزمان ڪائره لالا موسيٰ ۾ پنهنجي ووٽ ڏيڻ جو حق استعمال ڪيو تحريڪ انصاف جي حمايت يافته اميدوار لطيف کوسه لاهور جي اين اي 122 ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. خواجه آصف اين اي 71 سيالڪوٽ ۾ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو. پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق لاهور جي اين اي 122 ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. خورشيد شاهه اين اي 210 سکر ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو راجا رياض اين اي 104 فيصل آباد جي پولنگ اسٽيشن 9 تي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو. پ پ اڳواڻ شازيه مري تڪ اين اي 209 يراني ادو اسڪول پولنگ اسٽيشن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو. بابر اڳواڻ پنهنجو ووٽ اين اي 51 ڪهوٽه ۾ ڪاسٽ ڪيو اڳوڻي وفاقي وزير غلام سرور اين اي 54 راولپنڊي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ايم ڪيو ايم جي مصطفيٰ ڪمال اين اي 242 ڪياماڙي مان پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ احسن اقبال اين اي 76 نارووال پولنگ اسٽيشن نمبر 23 ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو. جڏهن ته عطا تارڙ اين اي 127 لاهور ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو ڪراچي جي ميئر سلمان عبدالله مراد قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 231 اولڊ ٿاڻي ملير جي پولنگ اسٽيشن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو. جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان اين اي 250 عليمه اسڪول ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو. جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ رئوف صديقي اين اي 248 پولنگ اسٽيشن نمبر 12 ۾ ووٽ جو حق استعمال ڪيو.