آصف زرداري، بلاول ڀٽو ۽ آصفه ڀٽو پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو پنهنجو پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو آهي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري نوابشاهه ۾ گورنمنٽ بوائز اسڪول ايل بي او ڊي ڪالوني اسڪول ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. ياد رهي ته آصف علي زرداري اين اي 207 نوابشاهه مان اميدوار آهي نوابشاهه ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪليب سوئيپ ڪندي، پيپلز پارٽي جو مستقبل روشن آهي آصف علي زرداري چيو ته پيپلز پارٽي کان سواءِ ٻئي ڪنهن به پارٽي عوام دوست منشور ناهي ڏنو نوابشاهه ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو آهي. آصفه ڀٽو ايل بي او ڊي ڪالوني ۾ پولنگ اندر پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي آصفه ڀٽو چيو ته عوام گهرن مان نڪري ۽ ووٽ ڏئي. انشاءَالله سوڀ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٿيندي. عوام وڌ کان وڌ تير تي ٺپا هڻي بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بنائي ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئون ديرو جي مڇي مارڪيٽ محله ۾ قائم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستاني عوام کي درخواست آهي ته ووٽ جي لاءِ ٻاهر نڪرو ۽ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪريو، چونڊن جي ڏينهن نيٽ ورڪ بند ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو.