اليڪشن ڪميشن ٻن تڪن جي 3 پولنگ اسٽيشنن تي ووٽنگ جو وقت وڌائي ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن ٻن تڪن جي 3 پولنگ اسٽيشنن تي ووٽنگ جو وقت وڌائي ڇڏيو آهي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي پڌرائي موجب اين اي 62 گجرات ۽ پي پي 28 گجرات جي 3 پولنگ اسٽيشنن تي 2 ڪلاڪن جو وقت وڌايو ويو آهي اين اي 62 گجرات ۽ پي پي 28 گجرات جي پولنگ اسٽيشن 250، 304 ۽ 338 تي وقت وڌايو ويو آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن جي اختيارين چيو هو ته ووٽنگ جو وقت شام 5 وڳي تائين برقرار رهندو سمورين پولنگ اسٽيشنن جا دروازا شام 5 وڳي بند ڪيا ويندا اليڪشن ڪميشن جي اختيارين چيو ته 5 وڳي تائين پولنگ اسٽيشنن ۾ موجود ماڻهو ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهندا. اليڪشن ڪميشن جي اختيارين موجب چونڊن جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا 6 وڳي کان پوءِ نشر ٿي سگهندا.