اليڪشن 2024ع جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا

اليڪشن 2024ع جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا سامهون اچڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته مسلم ليگ ن جا اميدوار ٿوري گھڻي فرق سان پوئتي نظر اچي رهيا هئا. پيپلزپارٽي سنڌ ۾ اڪثريت ماڻيندي نظر آئي، صوبائي سيٽن مان سنڌ جي اڪثر سيٽن تي پ پ جا اميدوار ڪامياب ٿيا، جڏهن ته قومي سيٽن تي به ڪافي سيٽون پيپلزپارٽي کٽي ورتيون ميڊياتي آيل نتيجن موجب اين اي 218 حيدرآباد 1 تان پ پ جو سيد حسين طارق 82 هزار 115 ووٽ کني اڳتي رهيو، آزاد اميدوار محمد رضوان 9064 ووٽ کڻي سگهيو ميرپور خاص جي تڪ اين اي 211 تان پ پ پير آفتاب شاهه جيلاني 36 هزار ووٽ کني ڪامياب ٿي ويو. آزاد اميدوار علي نواز شاهه 18092 کڻي سگهيو پشاور 3 جي اين اي 30 تان پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا آزاد اميدوار شاندانا گلزار 71 هزار 742 ووٽن سان ڪاميابي ماڻي ورتي، جي يو آءِ جي ناصر خان 19265 ووٽ کنيا اين اي 88 تان آزاد اميدوار محمد اصغر سوڀارو رهيو غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب مانسره جي تڪ اين اي 15 تان نواز شريف 8830 ووٽن سان پوئتي رهيو، آزاد اميدوار محمد گستاسب 12670 سان پهرئين نمبر تي رهيو ٻئي پاسي قصور 2 جي تڪ اين اي 132 تان شهباز شريف 27092 ووٽن سان اڳتي رهيو، جڏهن ته آزاداميدوار محمد حسين ڊوگر 17993 ووٽن سان پوئتي رهيو هوڏانهن قمبر شهداد ڪوٽ جي تڪ اين اي 196 تان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 27157 جي يو آءِ جو ناصر محمود 8801 ووٽ کنيا ٻئي پاسي نواب شاهه جي تڪ اين اي 207 تي آصف زرداري 58341 ووٽ کڻي کٽي ويو، سندس مخالف اميدوار شير محمد رند 14123 ووٽ کنيا حب بلوچستان جي تڪ اين اي 257 تان ڄام ڪمال 12 هزار ۽ ڪجهه ووٽ کڻي اڳتي رهيو، جڏهن ته آزاد اميدوار اسلم ڀوتاڻي 6 هزار ۽ ڪجهه ووٽ کڻي سگھيو هوڏانهن پي ايس 50 عمر ڪوٽ 2 تان امير علي شاهه 46 هزار 450 ووٽ کڻي اڳتي رهيو. جي ڊي اي جو فقير غلام نبي مڱريو 12122 کڻي پوئتي رهيو.