ڪنڌڪوٽ : پنج ڏينھن اڳ اغوا ٿي ويل ڊيرا مراد جمالي واسين ٽرڪ ڊرائیور گل حسن بروھي ۽ شیر محمد بروھي جي بازيابي لاءِ وارثن ڪريم داد بروھي، نيڪ محمد بروھي ھٿن ۾ پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي مغوين جي وارثن جو چوڻ ھو ته اسان جي نوجوانن کي ڏوھاري انڊس ھاءِ وي ڪرمپور ٿاڻي جي حد مان اغوا ڪري ويا آھن ضلعو ڪشمور اغوا انڊسٽري بڻجي ويو آھي مسافر پاڻ کي غير محفوظ سمجھن ٿا گذريل ڏينھن ڏوھارين مغوين جي تشدد واري ويڊيو وائرل ڪري ڀنگ طلب ڪيو آھي پوليس اسان سان ڪو به تعاون نه ٿي ڪري انھن سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو ته مغوين کي جلد بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
