9 مئي واقعا: عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي ضمانت منظور

راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت 9 مئي واقعن جي 12 ڪيسز ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي ضمانت منظور ڪري ورتي رپورٽ موجب دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت جي جج ملڪ اعجاز آصف ضمانت جو فيصلو ٻڌايو. پي ٽي آءِ جي وڪيل شيراز احمد رانجها عدالت ۾ پيش ٿيو. پراسيڪيوشن طرفان مهلت جي استدعا رد ڪئي وئي ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته 9 مئي سانحي جي ڪيسن جا سمورا جوابدار ضمانتن تي آهن ان لاءِ پي ٽي آءِ باني کي گرفتار رکڻ جو ڪوبه جواز نه آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي به 13 ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪئي وئي. ضمانت منظور ٿيڻ باوجود عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي آزاد ٿيڻ جو امڪان ناهي ڇو ته ٻئي اڳواڻ سائفر ڪيس ۾ سزا يافته آهن عدالت سمورن 12 ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي خلاف راولپنڊي جي مختلف ٿاڻن ۾ ڪيس داخل ٿيل آهن.