اليڪشن ڪميشن ريٽرننگ آفيسرن کي عام چونڊون 2024 ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ڪيترن ئي تڪن تي اميدوارن جي ڪاميابي جا حتمي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ اين اي 48 ۾ نتيجن جي مبينه تبديلي تي ٻڌڻي ڪئي. تحريڪ انصاف جي اميدوار علي بخاري جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته علي بخاري فارم 45 موجب ڪامياب ٿيو آهي. ريٽرننگ آفيسر اسان جي استدعا جي ابتڙ فارم 47 جاري ڪري ڇڏيو. اسان جي 50 هزار جي ليڊ کي ختم ڪيو ويو اليڪشن ڪميشن استحڪام پارٽي جي نامزد ڪامياب آزاد اميدوار راجه خرم نواز کي نوٽيس جاري ڪندي ريٽرننگ آفيسر کي اسلام آباد مان اين اي 47 ۽ 48 جا حتمي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. اهڙي طرح پي ڪي 73، 80 ۽ پي ڪي 82 جي به نتيجن خلاف ٻڌڻي ٿي. اليڪشن ڪميشن ٻنهي تڪن ۾ ريٽرننگ آفيسرن کي حتمي نتيجا جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. پي ڪي 79 تان تيمور سليم ۽ پي ڪي 82 تان ڪامران بنگش نتيجن کي چيلينج ڪيو آهي ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن ۾ اين اي 28، اين اي 49 اٽڪ، اين اي 50 اٽڪ، اين اي 55 راولپنڊي، اين اي 63 ۽ اين اي 65 جي نتيجن کي به چيلينج ڪيو ويو آهي پي بي 01، پي پي 11، پي پي 20، پي پي 14، پي پي 16، پي پي 31، پي پي 33، پي پي 59 جا نتيجا به اليڪشن ڪميشن ۾ چيلينج ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ قومي اسيمبلي جي 10 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 16 سيٽن تي آر اوز کي حتمي نتيجا جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.