ايم ڪيو ايم جي وفد مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ حڪومت ٺاهڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي وفد پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف سان ملاقات ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف ۽ چيف آرگنائيزر مريم نوازشريف ۽ پارٽي جا ٻيا اڳواڻ به ان موقعي تي موجود هئا سياسي ويهڪ ۾ نئين حڪومت سازي، ايندڙ سياسي حڪمت عملي سميت ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. مسلم ليگ(ن) ۽ متحده قومي موومينٽ وچ ۾ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي به سامهون اچي وئي آهي ذريعن موجب ايم ڪيو ايم مطالبن جي لسٽ نوازشريف جي سامهون رکي ڇڏي ۽ (ن) ليگ جي حڪومت بنجڻ جي صورت ۾ سنڌ جي گورنر شپ گهري ورتي. جڏهن ته ڪراچي ۾ وفاق جي ترقياتي منصوبن ۾ آن لائين بورڊ رکڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو نوازشريف ايم ڪيو ايم جي شرط جو مثبت انداز ۾ جواب ڏنو ۽ ايم ڪيو ايم، پيپلز پارٽي وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ حامي ڀري نوازشريف شهباز شريف کي هدايت ڪئي ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار هاڻ اوهان کي ادا ڪرڻو آهي.