عام چونڊن ۾ سيٽون حاصل ڪندڙ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ۽ فاروق ستار سميت پارٽي جي ٻين اميدوارن جي ڪاميابي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪئي وئي آهي اين اي 242 تان پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار داوا خان ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال جي سيٽ چيلينج ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل موجب فارم 45 جي تحت داوا خان اليڪشن کٽي چڪو هو پر فارم 47 ۾ مصطفيٰ ڪمال کي کٽرايو ويو اين اي 244 تان پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوار آفتاب جهانگير ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار جي ڪاميابي چيلينج ڪئي. آزاد اميدوار عطاءُالله اين اي 245 جي چونڊ نتيجن کي چيلينج ڪيو. ايم ڪيو ايم جي حفيظ الدين اين اي جي سيٽ تان ڪامياب ٿيو هو درخواستگذار عطاءُالله موجب فارم 45 ۾ 38هزار ووٽن سان مان ڪامياب هئس ۽ حفيظ الدين صرف 15 هزار ووٽ حاصل ڪيا هئا پر فارم 47 ۾ نتيجا تبديل ڪري چوٿين نمبر واري اميدوار حفيظ الدين کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. استدعا آهي ته فارم 47 کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٻئي پاسي جماعت اسلامي به صوبائي اسيمبلي جي چئن تڪن جي نتيجن کي چيلينج ڪري ڇڏيو آهي. جنيد مڪاڻي پي ايس 104 تان محمد احمد پي ايس 124 تان محمد اڪبر پي ايس 12 تان نصرت الله پي ايس 126 تان ايم ڪيو ايم اميدوارن جي ڪاميابي کي چيلينج ڪيو آهي اهڙي طرح اين اي 243 پيپلز پارٽي جي قادر پٽيل جي ڪاميابي کي به چيلينج ڪيو ويو آهي. قادر پٽيل جي ڪاميابي کي آزاد اميدوار شجاعت علي ايڊووڪيٽ چيلينج ڪيو. درخواستگذار موجب فارم 45 جي نتيجن ۾ منهنجي ڪاميابي کي فارم 47 ۾ تبديل ڪيو ويو.