عام چونڊن ۾ شڪست: سراج الحق جماعت اسلامي جي امير واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق عام چونڊن ۾ شڪست تي جماعت اسلامي جي امير واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي پنهنجي بيان ۾ سراج الحق چيو ته ڪوشش ۽ محنت جي باوجود چونڊن ۾ گهربل ڪاميابي نه ڏياري سگهيس. چونڊن ۾ ناڪامي کي قبول ڪريون ٿا. بطور جماعت اسلامي جي امير جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيان ٿو سراج الحق جي استعيفيٰ کان پوءِ سيڪريٽري جنرل جماعت اسلامي اميرالعظيم شوريٰ جو اجلاس 17 فيبروري تي منصوره ۾ طلب ڪري ورتو. شوريٰ جي اجلاس جي شروعات منصوره ۾ 10 وڳي ٿيندي جنهن ۾ استعيفيٰ کان پوءِ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو ياد رهي ته گذريل ڏينهن جمامت اسلامي جي اليڪشن ڪميشن جي صدر نئين امير جي چونڊ ۽ ميمبرن جي رهنمائي لاءِ 3 نالن جو اعلان به ڪيو هو ترجمان موجب جماعت اسلامي جي نون اميرن جي لاءِ اعلان ڪيل 3 نالن مان سراج الحق، لياقت بلوچ ۽ حافظ نعيم الرحمان شامل آهن. پارٽي جا ميمبر انهن ٽنهي کان علاوه ڪنهن ٻئي ميمبر جي امير جي عهدي تي چونڊ جي لاءِ پنهنجي راءِ ڏئي سگهن ٿا.