شهدادپور، شھدادپور شھر جي سوائي روڊ جي رهواسين شريف چوهاڻ، شفيق چوهاڻ، نديم چوهاڻ ۽ ٻين ڀائرن پنهنجن ڀاڻيجن جي زيادتين خلاف شھدادپور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو ته اسان پنهنجي فوتي والد صديق چوهاڻ جي ٽنڊوآدم واري ملڪيت مان پنهنجن ڀيڻن بطول زال فضل الدين غوري ۽ نسيم زال يامين ڀٽي کي حصو ڏئي ڇڏيو آهي ڀيڻن جي فوت ٿيڻ بعد شھدادپور جي ملڪيت مان فوتي کاتي جي رجسٽري ڏيڻ بجاءَ ڀاڻيجن ذيشان، عدنان، عمران ولد فضل الدين غوري ۽ عامر ولد يامين ڀٽي وارن بليڪ ميل ڪري 60 لک روپيه ڏيڻ جي گهُر ڪئي. جنهن مان 47 لک روپيه روڪ رقم ڏيڻ باوجود پنهنجين امڙين جو فوتي کاتي جي رجسٽري نه ٿي ڏني وڃي هنن دانهيو ته ڀاڻيجن ديھ قبويگان ۾ سندن والد جي نالي جي زرعي زمين بااثر عنايت جمالي کي غيرقانوني طريقي سان ڏئي ڇڏي جنهن سبب بااثرن چئن ايڪڙن تي مشتمل تيار ٿيل ڪيلي جي فصل ڪٽي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي هنن دانهيو ته ڀاڻيجن جا صرف 13 لک روپيه بقايا رهت آهن. جيڪا رقم ڏيڻ لاءَ تيار آهيون پر ڀاڻيجن بدنيتي ۽ بي ايماني ڪري امڙين جي فوتي کاتي جي رجسٽري ڏيڻ کان انڪار ڪندي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن هنن دانهيو ته سندن بليڪ ميلنگ سبب ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، بنا جواز تنگ ڪيو پيو وڃي هنن مطالبو ڪيو ته بااثر عنايت جمالي طرفان ڪٽيل ڪيلي جي فصل جو ازالو ڪيو وڃي گڏوگڏ ڀاڻيجن کان فوتي کاتي جي رجسٽري ڏياري تحفظ فراهم ڪيو وڃي
