آزاد ڪشمير اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ نامزد خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن علي امين گنڊاپور جي خلاف آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ڪيل آهي. ڊپٽي ڪمشنر ڊيره اسماعيل خان کي علي امين گنڊاپور جي گرفتاري جو خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ علي امين گنڊاپور کي 28 فيبروري تي آزاد ڪشمير جي اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ياد رهي ته علي امين گنڊاپور جي خلاف درخواست وڪيل راجا ذوالقرنين 2021 جي چونڊن دوران داخل ڪئي هئي.