ڪراچي، ڪراچي جي سرجاڻي ٽائون ۾ هٿياربندن جي شهريءَ کان ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو ،مڇريل شهرين ٻن جوابدارن کي پڪڙي ورتو، جوابدارن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، سخت تشدد ۾ 2 مبينا جوابدار مارجي ويا ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته سيڪٽر 7 اي ۾ هٿياربندن شهري کان ڦر جي ڪوشش ڪئي ته ٻنهي ڌرين هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪئي، نتيجي ۾ هڪ شهري سليم گوليون لڳڻ ڪري مارجي ويو، سندس 2 پٽ نعمان ۽ ذيشان زخمي ٿي پيا فائرنگ دوران شھرين ٻن جوابدارن کي پڪڙي ورتو، شھرين جي تشدد ۾ ٻئي مبينا ڦورو مارجي ويا، مارجي ويل جوابدارن جي اڃا سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، شهري ۽ جوابدارن جا لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا ويا
