احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي ريٽائرمينٽ تائين موڪل جي درخواست منظور

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي ريٽائرمينٽ تائين موڪل جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اسلام آباد ناصر جاويد رانا کي احتساب عدالت اسلام آباد جو جج مقرر ڪيو ويو آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ريٽائرمينٽ تائين موڪل جي درخواست ڏني هئي جنهن کي منظور ڪيو ويو آهي. جج محمد بشير 14 مارچ تي رٽائرڊ ٿيندو ياد رهي ته احتساب عدالت جي جج محمد بشير پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ (ن) ليگ اڳواڻ نوازشريف کي مختلف ڪيسز ۾ سزائون ٻڌايون هيون هوڏانهن قانون ۽ انصاف واري وزارت ناصر جاويد رانا کي عدالت نمبر هڪ جو جج مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ناصر جاويد رانا 24 جنوري 2027 تائين بطور احتساب عدالت جي جج طور خدمتون سرانجام ڏيندو.