حڪومت طرفان عوام کي بجلي جو هڪ ٻيو جهٽڪو ڏيڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. قيمت ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي سينٽرل پاور پرچيزنگ اٿارٽي(سي پي پي اي) طرفان نيپرا ۾ قيمت ۾ واڌ جي لاءِ ڏنل درخواست تي ٻڌڻي نيشنل اليڪٽرڪ ريگوليٽري اٿارٽي 23 فيبروري تي ڪندي جنهن ۾ هڪ مهيني جي لاءِ بجلي 7 روپيه 13 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي سي پي پي اي طرفان بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ اهو اضافو جنوري جي فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ طلب ڪيو ويو آهي بجلي جي قيمت ۾ واڌ جي منظوري جي صورت ۾ صارفين تي 66 ارب روپين کان وڌيڪ جو بار پوندو.