اسلام آباد،سينيٽر اعظم سواتي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو

اسلام آباد، تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ سينيٽر اعظم سواتي کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو آھي تڪراري بيان واري الزام هيٺ گرفتار ڪيل اعظم سواتي کي ايف ايٽ ڪچهري ۾ مئجسٽريٽ وقاص احمد آڏو پيش ڪيو ويو ايف آءِ اي جي اعظم سواتي جي جسماني رمانڊ ڏيڻ لاءِ 8 ڏينهن جي استدعا ڪئي،عدالت ٻن ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪندي اعظم سواتي کي ايف آءِ اي حوالي ڪيو سينيٽر اعظم سواتي کي صبح چڪ شهزاد مان گرفتار ڪيو ويو هو، ايف آءِ اي اعظم سواتيءَ جي گرفتاري بابت سينيٽ چيئرمين کي خط کي آگاهه ڪري ڇڏيو، پيمرا به اعظم سواتي جي هر قسم جي پروگرامن، تقريرن ۽ بيانن کي نشر ڪرڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آھي

پنھنجي راءِ لکو