(ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ معاملا طئي ٿي ويا، آصف زرداري صدر، شهباز شريف وزيراعظم هوندو

پاڪستان مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي ۾ حڪومت سازي لاءِ ماعهدو طئي ٿي ويو جنهن موجب وزيراعظم(ن) ليگ جو ۽ صدر پيپلز پارٽي جو هوندو تفصيل موجب اسحاق ڊار جي اسلام آباد ۾ واقع رهائشگاهه تي بلاول ڀٽو جي يادت ۾ پ پ وفد سان مسلم ليگ(ن) جي حڪومت سازي جي حوالي سان ڪامياب ڳالهيون ٿيون. ڳالهين ۾(ن) ليگ ۽ پ پ جي مذاڪراتي ڪميٽي جي ميمبرن ۽ صدر(ن) ليگ شهباز شريف جڏهن ته بلاول ڀٽو به شرڪت ڪئي. ٻين ميمبرن ۾ اسحاق ڊار، مراد علي شاهه، قمرالزمان ڪائره ۽ احسن اقبال به موجود هئااجلاس ۾ ٻنهي پارٽين عوامي ريليف ۽ اميدن تي پورو لهڻ جو ارادو ظاهر ڪيو جڏهن ته ملاقات ختم ٿيڻ تي دعا به گهري وئي. پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سيڪريٽري اطلاعات مريم اورنگزيب ٻڌايو ته نامزد وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات اسحاق ڊار جي رهائشگاهه تي ٿي. جنهن ۾ ٻنهي پارٽين ۾ حڪومت سازي جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي اسحاق ڊار جي رهائشگاهه تي ٿيندڙ ملاقات دوران ٻنهي پارٽين شرطون مڃيندي معاهدو طئي ڪيو جنهن موجب صدر جو عهدو پيپلز پارٽي وٽ هوندو جڏهن ته وفاق ۾(ن) ليگ جو وزيراعظم هوندو. معاهدي تحت صدر آصف زرداري جڏهن ته وفاق ۾(ن) ليگ جو وزيراعظم هوندو معاهدي تحت ملڪ جو صدر آصف زرداري جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف هوندو. ان کان علاوه قومي اسيمبلي جو اسپيڪر(ن) ليگ جو جڏهن ته سينيٽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي جو هوندو. چئني صوبن جي گورنرز جي حوالي سان به ٻنهي پارٽين ۾ ڳالهيون طئي ٿي ويون جنهن موجب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ (ن) ليگ جڏهن ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پيپلز پارٽي جو گورنر هوندو معاهدي جي تحت ٻئي پارٽيون بلوچستان ۾ مخلوط حڪومت قائم ڪنديون. جنهن ۾ حڪومت جو اڌ وقت(ن) ليگ جو وڏو وزير هوندو جڏهن ته اڌ وقت پيپلز پارٽي جو وڏو وزير هوندو. پاڪستان پيپلز پارٽي وفاقي ڪابينه ۾ شامل نه ٿيندي ۽ نه ئي ڪا وزارت وٺندي. صرف وزيراعظم جي لاءِ شهباز شريف کي ووٽ ڏيندي انهيءَ موقعي تي شهباز شريف چيو ته پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ وٽ حڪومت ٺاهڻ لاءِ پورا انگ موجود آهن، اسان نئين حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهيون، آصف زرداري پنجن سالن لاءِ صدر چونڊجي ويندو، ٻيا اتحادي ايم ڪيو ايم ۽ ق ليگ گڏجي ووٽ ڏيندا شهباز شريف جو چوڻ آهي ته آزاد اميدوار اڪثريت ثابت ڪري حڪومت ٺاهي، ان کي دل سان قبول ڪنداسين. تحريڪ انصاف سني اتحاد ڪائونسل سان اتحاد ڪري ورتو آهي.پر ان جي باوجود انهن وٽ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ايترا انگ ناهن اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته اسان ايندڙ نسلن لاءِ اتحاد ڪيو آهي اسان جي جستجو صرف پاڪستان جي عوام آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي صدر لاءِ گڏيل اميدوار آصف علي زرداري هوندو جڏهن ته شهباز شريف وزيراعظم جو گڏيل اميدوار هوندو. هن چيو ته حڪومت سازي ۾ ڪابه دير نه ٿي آهي. اڃان تائين معاهدو طئي نه ٿيو آهي جلد ئي سموريون شيون عوام جي سامهون آنديون وينديون جيستائين وزارتن جي ڳالهه آهي ته اهي وقت تي ڳالهيون ٿي وينديون. بلاول ڀٽو چيو ته عوام کي وزيراعظم سان مطلب آهي اسان جي ڪوشش هوندي ته حڪومت سازي جو معاملو جلد کان مڪمل ٿي سگهي ته جيئن اسان ٻيهر ملي عوام جي خدمت ڪري سگهون.