تنگواڻي ۾ ڪيس داخل ڪرڻ تان جوابدارن جو فريادي مٿان حملو

تنگواڻي,ڪجه مهينه اڳ هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل غلام حيدر ملڪ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جو ڪيس جي فريادي جي دڪان مٿان حملو ڀڃ ڊاه فريادي غلاياسين کي ڌڪ هنڻي زخمي ڪري ڇڏيو,واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا غلام ياسين ملڪ فرياد لاء تنگواڻي ٿاڻي تي پهتو پنجن ڄڻن خلاف اين سي داخل ڪري ورتو پوليس ڪو به جوابدار گرفتار نه ڪيو,ٻئي طرف زخمي غلام ياسين ملڪ دانهون ڪندي چيو ته جوابدارن اڳ منهنجو چاچو قتل ڪيو جنهن هو جوابدار آهن هاڻ وري مون کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء منهنجي مٿان حملو ڪيو آهي مون کي قتل جون ڌمڪيون ڏين ٿا ته قتل ڪيس تان هٿ کڻي وڃ نه ته توکي قتل ڪندا سين,ڏسو ظلم جي انتها آهي چاچو به منهنجو قتل ڌمڪيون مون کي ڏين ٿا ڪير به چوڻ وارو نه آهي جوابدار پوليس ٿاڻي جي هڪ ڪلوميٽر تي مفاصلي ۾ آهن پر پوء پوليس جوابدار گرفتار نه ٿي ڪير ويتر جوابدار مون کي قتل ڪرڻ ڌ مڪيون ڏين ٿا اسان آء جي سنڌ ايس ايس پي ڪشمور ۽ ٻين کان مطالبو ڪريون ٿا ته مون کي تحفظ ڏيئي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن

پنھنجي راءِ لکو