اڪبر ايس بابر پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن کي ٻيهر چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پي ٽي آءِ جي باني اڳواڻ اڪبر ايس بابر پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن واري فيصلي کي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي پي ٽي آءِ قيادت 3 مارچ 2024 تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن تي پي ٽي آءِ جي باني اڳواڻ اڪبر ايس بابر اعلان ڪيو آهي ته هو انهي فيصلي کي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ تمام جلد چيلينج ڪندو. ان سلسلي ۾ قانوني مشاورت جو سلسلو جاري آهي هن چيو ته 22 ڊسمبر 2023 جي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي موجب سموري پي ٽي آءِ قيادت ڪالعدم ٿي چڪي آهي ايستائين جو سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ بيرسٽر گوهر خان کي پاڻ نامزد ڪيل پي ٽي آءِ چيئرمين قرار ڏنو هو. ان لاءِ پاڻ نامزد ڪيل پابندي مڙهيل پي ٽي آءِ قيادت جو انٽرا پارٽي چونڊن جي حوالي سان ڪنهن به نئين مهم جو قانوني ۽ سياسي ميدان ۾ مقابلو ڪيو ويندو هن مطالبو ڪيو ته جيستائين پي ٽي آءِ جي قانوني حيثيت بحال نٿي ٿئي پي ٽي آءِ جي پابندي مڙهيل قيادت جو پي ٽي آءِ جا وسيلا خاص طور تي آفيس ۽ بينڪ اڪائونٽس جو استعمال غير قانوني آهي جنهن تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي.