سنڌ اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو آهي جڏهن ته ان دوران اپوزيشن طرفان سخت احتجاج پڻ ڪيو ويو سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿي رهيو آهي جنهن جي باقاعده شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿئي جنهن کان پوءِ نعت رسول رصه پيش ڪئي وئي سنڌ اسيمبلي جي 168 ميمبرن مان 114 جو تعلق پيپلز پارٽي سان آهي جڏهن ته 36 ميمبرن جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آهي آزاد حيثيت ۾ چونڊون وڙهندڙ 9 ميمبرن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت جي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي جڏهن ته جي ڊي اي ۽ جماعت اسلامي جا ميمبر اڄ جي تقريب ۾ شريڪ نه ٿينداٻئي طرف جي ڊي اي، جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف تي ٻڌل اپوزيشن اتحاد سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. امن امان ۽ سيڪيورٽي جي خدشن کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي گهرو وزارت ڪراچي ۾ هڪ مهيني جي لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي اليڪشن ڪميشن 163 سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري چڪو آهي جنهن ۾ عورتن جون 27 ۽ اقليتن جون 9 سيٽون آهن. 2 سيٽن جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو آهي ڇو ته هڪ اسيمبلي ميمبر لاڏاڻو ڪري ويو آهي ۽ حافظ نعيم الرحمان سيٽ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي ٻئي طرف اپوزيشن پارٽين جا ڪارڪن رنڊڪون ٽپي ريڊ زون ۾ داخل ٿي ويا آهن. مظاهرين ۾ عورتون به شامل آهن. مظاهرين نعريبازي ڪندي اڳيان وڌيا پر پوليس کين سنڌ اسيمبلي ڏانهن وڌڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ ڪيترن ئي ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسيمبلي جي ٻاهران احتجاج ڪندڙن کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي. هي ماڻهو اسيمبلي جي ٻاهران احتجاج ڪرڻ جي بجاءِ اليڪشن ٽربيونل ۾ وڃن ياد رهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ 60 عورتون پهريون ڀيرو ايوان جو حصو بڻجي رهيون آهن. هير اسماعيل سوهو واحد عورت اسيمبلي ميمبر آهي جيڪا لاڳيتو پنجون ڀيرو ميمبر چونڊجي آهي. اٺون ڀيرو چونڊجندڙ قائم علي شاهه بلديات، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو ميمبر به بڻجي چڪو آهي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ پيپلز پارٽي اويس قادر شاهه ۽ ايم ڪيو ايم صوفيه شاهه کي اميدوار نامزد ڪيو آهي. ڊپٽي اسپيڪر جي لاءِ پيپلز پارٽي نويد انتهوني ۽ ايم ڪيو ايم راشد شاهه کي اميدوار نامزد ڪيو آهي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ آچر تي ٿيڻ جو امڪان آهي.