پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، شيڊول جاري

پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب اسيمبلي جي سيڪريٽري طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وڏي وزير جي چونڊ سومر 26 فيبروري تي ٿيندي اسيمبلي جي سيڪريٽري موجب پنجاب اسيمبلي ۾ 25 فيبروري جي شام 5 وڳي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويندا. وڏي وزير جي نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال شام تائين ٿيندي. هڪ اميدوار هجڻ تي به ڊويزن ذريعي چونڊ ڪئي ويندي (ن) ليگ مريم نواز ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) رانا آفتاب احمد خان پنجاب جي وڏي وزير جو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي مسلم ليگ(ن) جو ملڪ محمد احمد خان پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ ملڪ ظهير اقبال چنڙ ڳري اڪثريت سان ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو آهي. مسلم ليگ(ن) جي ملڪ محمد احمد خان 224 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته سندس مقابلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جو ملڪ احمد خان ڀچر هو جنهن 96 ووٽ حاصل ڪيا.