تنگواڻي,ڀرسان ڊيرا سرڪي پوليس ٿاڻي جي حد مگسي اسٽاپ تي نامعلوم هٿياربندن پاران ڏينهن ڏٺي دڪان جي واپاري عبدالله ملڪ مٿان تشدد ڪري هٿيارن جي زور تي ڏھ لک روپيه ڦر ڪري فرار ٿي ويا اطلاع تي پوليس نه پهتي,واپاري اڳواڻن سياسي سماجي اڳواڻن عبدالله ملڪ,ذوالفقار,عنايت الله ۽ ٻين ٺل ڪنڌڪوٽ روڊ تي مگسي اسٽاپ وٽان انڊس هاء وي بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏيئي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون, ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هي ظلم آهي نته ٻيو ڇا آهي جو ڏينهن ڏٺي جو هٿياربندن وپاري کان ڏھ لک ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا پر پوليس جو نالو ئي نه آهي اسان غير محفوظ آهيون ڪير هتي چوڻ وارو نه آهي اسان اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا ته ڦر ٿيل پيئسا واپس ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ۽ تعفظ ڏئي امن ڪرايو وڃي نته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائيرو وڌايو ويندو۔
