اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ مسلم ليگ(ن) جي سردار اياز صادق ۽ پيپلز پارٽي جي غلام مصطفيٰ شاهه نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن سردار اياز صادق قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. جڏهن ته پيپلز پارٽي جي غلام مصطفيٰ شاهه قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري ايوان جي اندر ئي اياز صادق ۽ غلام مصطفيٰ شاهه کان نامزدگي ڪاغذ وصول ڪياقومي اسيمبلي جي سيڪريٽري طرفان اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جو شيڊول تبديل ڪيو ويو آهي. پهريان نامزدگي ڪاغذ پهرين مارچ تي جمع ٿيڻا هئا ۽ 2 مارچ تي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڳجهي راءِ شماري سان ٿيڻي هئي پر هاڻ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ پهرين مارچ جمعي تي ٿيندي.