اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي خالي سيٽن تي چونڊ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽ جي خالي سيٽن تي چونڊ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل شيڊول موجب سينيٽ جي 6 خالي سيٽن تي اليڪشن 14 مارچ تي ٿيندي، سينيٽ جي خالي سيٽن ۾ يوسف رضا گيلاني، مولانا عبدالغفور حيدري، نثار کهڙو، ڄام مهتاب، پرنس احمد عمر ۽ سرفراز بگٽي جون سيٽون شامل آهن اليڪشن ڪميشن موجب سينيٽ جي سيٽن لاءِ نامزدگي ڪاغذ 2 کان 3 مارچ تائين جمع ڪرائي سگهبا جنهن کان پوءِ اميدوارن جي فهرست 3 مارچ تي لڳائي ويندي جڏهن ته نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال 5 مارچ تي ٿيندي اليڪشن شيڊول موجب نامزدگي ڪاغذن تي اپيلون 7 مارچ تائين جمع ڪرائي سگهبيون ۽ ٽربيونلز 9 مارچ تائين اپيلون اڪلائي سگهندا. نامزدگي ڪاغذ 10 مارچ تائين واپس وٺي سگهجن ٿا. سينيٽ سيٽن جي لاءِ پولنگ قومي اسيمبلي، سنڌ اسيمبلي ۽ بلوچستان اسيمبلي ۾ ٿيندي قومي اسيمبلي جا ميمبر اسلام آباد مان هڪ سيٽ تي ميمبر کي چونڊيندا. جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جا ميمبر 2 ۽ بلوچستان اسيمبلي جا ميمبر 3 ميمبرن کي چونڊيندا.