پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) جو گڏيل اميدوار مير سرفراز بگٽي وڏي اڪثريت سان بلوچستان جو وڏو وزير چونڊجي ويو آهي پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) جي گڏيل اميدوار مير سرفراز بگٽي کي 41 ميمبرن ووٽ ڏنو. وڏي وزير جي چونڊ لاءِ 33 ووٽن جي ضرورت هئي. وڏي وزير لاءِ صرف سرفراز بگٽي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ جي يو آءِ ۽ نيشنل پارٽي جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو ياد رهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سرفراز بگٽي کان علاوه ڪنهن به وڏي وزير جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرايا هئا. نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو وقت گذريل ڏينهن شام 5 وڳي تائين هو سرفراز بگٽي وڏو وزير چونڊجڻ کان پوءِ چيو ته خواهش آهي ته هٿيار کڻندڙ اسان سان ڳالهيون ڪن، پيپلز پارٽي ڳالهين تي يقين رکي ٿي، بلوچستان ۾ بهتر اتحادين ۽ اپوزيشن کي گڏ کڻي هلنداسين، هن وڌيڪ چيو ته اڍائي سالن جي فارمولي جو مرڪزي قيادت ئي بهتر بنائي سگهي ٿو.