بلوچستان مان سينيٽ جي 3 خالي سيٽن تي پولنگ 14 مارچ تي ٿيندي، شيڊول جاري

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي پڌرائي موجب بلوچستان مان خالي ٿيندڙ سينيٽ جي 3 سيٽن تي چونڊن لاءِ پولنگ 14 مارچ 2024 تي ٿيندي. مذڪوره سيٽون سرفراز احمد بگٽي، پرنس احمد عمر احمدزئي ۽ مولانا عبدالغفور حيدري جي استعيفيٰ ڏيڻ سبب خالي ٿيون هيون سينيٽ جي چونڊن لاءِ صوبائي اليڪشن ڪمشنر بلوچستان محمد فريد آفريدي کي ريٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. شيڊول موجب ريٽرننگ آفيسر طرفان پهرين مارچ تي پبلڪ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ 2 ۽ 3 مارچ صبح 08:30 کان شام 04:30 وڳي تائين جمع ڪرايا ويندا شيڊول موجب نامزد اميدوارن جي نالن جي فهرست جي اشاعت 3 مارچ تي ٿيندي. ريٽرننگ آفيسر طرفان اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال جي آخري تاريخ 5 مارچ آهي. جڏهن ته نامزدگي ڪاغذن جي منظور يا رد ٿيڻ خلاف اپيلون داخل ڪرڻ جي آخري تاريخ 7 مارچ 2024 آهي اليڪشن ڪميشن موجب ٽربيونل طرفان اپيلون اڪلائڻ جي آخري تاريخ 9 مارچ رکي وئي آهيم ساڳئي ڏينهن اميدوارن جي نظرثاني ٿيل فهرست جاري ٿيندي. اهڙي طرح نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جي آخري تاريخ 10 مارچ مقرر ڪئي وئي آهي جاري ڪيل شيڊول موجب انهن ٽنهي سيٽن جي چونڊ لاءِ پولنگ 14 مارچ 2024 تي صبح 9 کان شام 4 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندي. ياد رهي ته سينيٽ جي چونڊن لاءِ پولنگ بلوچستان اسيمبلي ڪوئٽه ۾ ٿيندي.