آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ ڀارت پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي

ڀارت انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي ، آسٽريليا خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ شڪست کانپوءِ نيوزيلينڊ جي ٽيم ٻئي نمبر تي اچي وئي ويلنگٽن ٽيسٽ ۾ آسٽريليا نيوزيلينڊ کي 172 رنسن تان شڪست ڏئي پوائنٽس ٽيبل تي ٽئين پوزيشن مضبوط ڪري ورتي آهي

آسٽريليا کي فتح مان 12 پوائنٽس مليا، جنهن سان سندن مجموعي انگ 78 ٿي ويو پوائنٽس ٽيبل ۾ بنگلاديش چوٿين ۽ پاڪستان پنجين، ويسٽ انڊيز ڇهين، ڏکڻ آفريڪا ستين، انگلينڊ اٺين ۽ سريلنڪا نائين نمبر تي آهي