سيوھڻ لعل شھباز قلندر جو 772 ھون سالياني عرس مبارڪ واريون تقريبون پڃاڻي تي پھتيون، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ قلندر لال شھباز جي 772 ھين عرس مبارڪ جي آخري ڏهاڙي مزار تي چادر چاڙھي ۽ ملڪ جي خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ دعا گھري. قلندر جي ميلي جي آخري ڌمال تي به عوام جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان ھو، عقيدت مند جلوس ڪڍي قلندري ڌمالون ھڻي وجداني ڪيفيت ۾ رقص ڪندي قلندر جي مزار تي عقيدت جو اظھار ڪرڻ ۾ مصروف رھيا جڏهن ته پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن کان آيل لکين زائرين درگاھ قلندر جي مزار تي حاضري ڏيڻ بعد واپس پنھنجي ماڳن طرف روانو ٿيڻ وقت آکين مان لڙڪ لاڙي ويٺا ھنن عقيدتمندي جو اظھار ڪندي چيو ته زندگي رھي ته ايندڙ سال وري ميلي تي اينداسين. ھنن چيو ته لعل شھباز قلندر جي ميلي ۾ ٽي ڏينهن ايئن گذري ويا جو خبر ئي پئجي نه سگھي پر جڏھن اڄ واپس پنھنجي گھر طرف پيا ٿيون ته دل چوي ٿي ته ھميشه قلندر تي رھجي وڃجي. ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ چئرمين شهباز ميلا ڪاميٽي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو علي ذوالفقار ميمڻ خصوصي شرڪت ڪئي .ادبي ڪانفرنس ۾ نامور اديبن محققن جن ۾ نظير حيات سيوهاڻي، مير حاجن مير خيرمحمد ٻرڙو، سڪينا ، عزيز قاسماڻي ، انور ساگر ڪانڌڙو ۽ ٻين مقالا پڙهي ماحول کي مهڪائي ڇڏيو. ڪانفرنس دوران سنڌ جي ناميارن فنڪارن صنم ماروي، تاج مستاني، طفيل سنجراڻي شمن ميرالي ممتاز ڪنول ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.