ڪنڌ ڪوٽ ڪشمور ضلعو ڌاڙيل راڄ بڻجي ويو انڊس ھاء وي کان مزدا مان ڊيرابگٽي واسي چار ڄڻا اغوا

ڪنڌ ڪوٽ ڪشمور ضلعو ڌاڙيل راڄ بڻجي ويو انڊس ھاء وي کان مزدا مان ڊيرابگٽي واسي چار ڄڻا اغوا مغوين جي بازيابي لاء بگٽي برادري ء وارثن جو ڪنڌڪوٽ ڪشمور انڊس ھاء بند ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا جيستائين مغوي واپس نه ٿيندا تيستائين روڊ بند پيل ھوندو مظاھرين تفصيل موجب ـ ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ٿي ويو چار ڏينهن اڳ ھٿيار بندن جي فائرنگ مزدا ۾ سوار ڊرائيور ۽ ساٿين سونھار خان عرف بابر بگٽي ـ محمد جان بگٽي ـ برڪت بگٽي بھرام بگٽي کي اغوا ڪري مزدا کي انڊس ھاء وي تي ڇڏي ھليا ويا اغوا ٿي ويل بگٽي برادري ۽ ڊيرابگٽي واسي آهن چار ڏينهن گذرڻ جي باوجود به بازياب نه ٿيا مغوين جي واپسي لاء بگٽي برادري جو ڪشمور ڪنڌڪوٽ انڊس ھاء وي ٽول پلازا وٽ ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ء پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ٽائيرن کي باھيون ڏنيون ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته چار ڏينهن ٿي ويا آهن پر ڪشمور پوليس ڌاڙيلن جي اڳيان بيوس بڻيل آهي غوثپور ٿاڻي جي حد م چار مغوين جان محمد بگٽي سونھارو عرف بابر بگٽي برڪت بگٽي بھرام بگٽي کي اغوا ڪيو ويو پر ڪشمور بازياب ڪرائڻ م ناڪام وئي آهي ھنن وڌيڪ چيو ته اسان جو ڌرڻو جاري آهي جيستائين اسان جا مغوي بازياب نه ٿيندا تيستائين ڌرڻو جاري رھندو ڌرڻي دوران سنڌ پنجاب سرحد بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيھجي ويون مسافر سخت پريشان رھيا