ڪنڌڪوٽ لڳ رات جو ديرسان ڳوٺ بچل سھرياڻي جا ٽي رھواسي پي پٽ سميت اغوا وارثن جو انڊس ھاء وي بند ڪري ڌرڻو ٻن طرفن کان گاڏيون بيھجي ويون ڪنڌڪوٽ لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد بچل سھرياڻي جا 3 رهواسي پي پٽ سميت 3 ڄڻا هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويا اغوا ٿي ويلن ۾ پي پٽ ۽ ڀائٽيو علي بهار سھرياڻي ،ذيشان سهرياڻي ۽ شمن سهرياڻي شامل آهن سهرياڻي برادري پاران پوليس کي اطلاع ڏنو ويو ٻئي طرف اغوا ٿي ويل سھرياڻي برادري جي پي پٽ ڀائيٽو جي بازيابي لاء ڪنڌڪوٽ شڪارپور انڊس ھاء وي بند ڪري ڇڏيو ٽائيرن کي باھيون ڏنيون ڌرڻي دوران سنڌ پنجاب سرحد بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيھجي ويون مسافر سخت مشڪلاتن جو شڪار رھيا
