ڪنڌڪوٽ ،ھڪ ڏينھن اڳ ڪشمور پوليس ٿاڻي جي حد ڊکڻ بنگلو وٽان اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان مبينه اغوا ٿيل اوڳاھي برادري جا ٽن پورھيت جي بازيابي لاءِ اڄ صبح کان لڳل ڌرڻو ڪامياب ٿي ويو۔ حد جي پوليس ٽنھي مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو آھي۔ بازياب ٿيل مغوين ۾ عبدالمجيد اوڳاھي، محمد رمضان اوڳاھي ،لال محمد اوڳاھي شامل آھن جيڪي ڳوٺ خير محمد نصيراڻي جا رھواسي آھن ۽ پلال جا ٽريڪٽر خريد ڪري واپس اچي رھيا ھئا ته کين اغوا ڪيو ويو۔ علائقي ۾ چئو ٻول آھي ته مغوين کي مزارر برادري جي مبينه ھٿياربندن اغوا ڪچي ۾ باندي بڻائي رکيو ھيو جنھن لا۽ ڪشمور پوليس راڄوڻيون ڪوششون ڪري کين بازياب ڪرايو آھي۔ ھوڏانھن اڄ صبح کان مئن انڊس ھا۽ وي مغوين جي وارثن ۽ سول سوسائٽي طرفان لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو
