نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستان ٽيم ۾ ڪجهه رانديگرن جي واپسي ۽ ڪجهه ڪرڪيٽرن جي ڊراپ ٿيڻ جو امڪان آهي نيوزيلينڊ خلاف 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز اپريل جي وچ ڌاران شيڊيول آهي جنهن لاءِ امڪاني رانديگرن جو اعلان پاڪستان سپر ليگ کانپوءِ ڪيو ويندو ذريعن موجب، شاداب خان ۽ فاسٽ بالر نسيم شاهه جي نيوزيلينڊ خلاف هوم ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ واپسي جو ٿيندي شاداب خان نيوزيلينڊ خلاف پاڪستان جي آخري ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ٽيم جو حصو نه هو، جڏهن ته هن وقت هو فٽنس پي ايس ايل ۾ شاندار آل رائونڊر پرفارمنس جو مظاهرو ڪري رهيو آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته حنين شاهه ۽ خواجا نافع کي امڪاني رانديگرن ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي جڏهن ته سلمان علي آغا ۽ حيدر علي جي نالن تي به غور ويچار ڪيو پيو وڃي ذريعن موجب، حارث رئوف ڪلهي جي انجري جو شڪار آهي، جنهن سبب سندس ٽيم ۾ واپسي مشڪل نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته محمد نواز ۽ حسيب الله جي سليڪشن به سواليا نشان بڻيل آهي.