ڪنڌڪوٽ لڳ ڪچي جي ڏوھارين جون پڪي ۾ ڪاروائيون تيز جاري مزدا گاڏي تي فائرنگ ھڪ ڄڻو عبدالخالق گولو زخمي جڏهن ته در محمد گولو کي اغوا ڪري ويا پوليس پهتي, جوابدار واردات بعد فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا,
مليل ڄاڻ موجب ڪنڌڪوٽ لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڪنڌڪوٽ ٺل روڊ سبزوئي لاڙي وٽان رات ديرسان ڏوھارين ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏين کان ڦر دواران مزاحمت تي مزدا ڊرائيور عبدالخالق گولو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو,جڏهن ته مزدا ڪلنير در محمد گولو کي هٿياربند ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا, زخمي ڊرائيور اسپتال داخل, ڪشمور پوليس ڪاروائي شروع ڪري ڏني, مغوي ڪلينر جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي, ٻئي طرف مزدا ڊرائيورن پاران ڪنڌڪوٽ ٺل روڊ ء ڪشمور ڪنڌڪوٽ گولا موڙ تي روڊ بند ڪري ڇڏيو سنڌ پنجاب سرحد بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيھجي ويون روڊ تي مسافر گاڏيون بيهاري بدامني خلاف احتجاجن روڊ بند ڪري ڇڏيو آهي