صدر پاڪستان جي چونڊ لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ ووٽنگ جو سلسلو جاري

ملڪ جي نئين صدر جي چونڊ لاءِ پولنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. صدارتي چونڊ جي لاءِ پولنگ جو عمل صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين جاري رهندو. قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر چونڊ ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري رهيا آهن قومي اسيمبلي ۾ پولنگ جو عمل شروع ٿيو ته سڀني کان پهريون ووٽ پيپلز پارٽي جي عبدالحڪيم بلوچ ڪاسٽ ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف صدارتي اميدوار آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اسحاق ڊار به ووٽ ڪاسٽ ڪيو صدارتي چونڊن ۾ حڪومتي اتحاد طرفان اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سني اتحاد ڪائونسل ۽ ٻين اپوزيشن اڳواڻن طرفان قومپرست اڳواڻ محمود خان اچڪزئي اميدوار آهي صدارتي چونڊن ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي لاءِ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ پنجاب اسيمبلي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني کي پريزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي سينيٽر شيري رحمان کي آصف علي زرداري جي پولنگ ايجنٽ مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته سينيٽر شفيق ترين، محمود خان اچڪزئي جو پولنگ ايجنٽ آهي.